پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان ان ڳالهه تي تمام گهڻو مايوس آهي ته صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو آهي دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ 9 مئي واقعن بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن ۽ اسد عمر سميت ٻين جي عبوري ضمانتن تي ٻڌڻي ٿي عدالت جناح هائوس گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ وڪيلن کي حتمي دليلن جي لاءِ طلب ڪندي جوابدارن جي عبوري ضمانتن ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان روسٽرم تي اچي وئي ۽ چيو ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي. روز پيشي تي ايندا آهيون جيڪڏهن جيل اماڻڻ سان انصاف ٿئي ٿو ته اسان کي جيل اماڻي ڇڏيو، اسان صرف انصاف ئي ته گهري رهيا آهيون ٻڌڻي کان پوءِ عليمه خان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو آهي ان جو وزن به گهٽ ٿي ويو آهي پر ان جا جذبا ختم نه ٿيا آهن هن وٽ ورزش ۽ واڪ جي لاءِ به جڳهه نه آهي. عمران خان پيغام ڏنو آهي ته مون کي سائفر ڪيس ۾ ڊگهي وقت لاءِ جيل منتقل ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي عليمه خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو پيغام آهي ته ڪنهن سان به ان جي ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڪو ان سان ڳالهائڻ لاءِ آيو آهي عليمه خان وڌيڪ چيو ته عمران خان تمام گهڻو افسوس جو اظهار ڪيو آهي هو تمام گهڻو مايوس هو ته صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪيو. صدر کي اهڙي اهم وقت دوران پنهنجي قوم جي لاءِ بيهڻ گهرجي ها.