72

لاهور: عمران خان مٿان حملي واري ڪيس جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان حملي واري ڪيس جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي رپورٽ موجب انسپيڪٽر جنرل پنجاب پوليس فيصل شاهڪار تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان لانگ مارچ دوران حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ واري رپورٽ عدالت سڳوري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي
آءِ جي پنجاب طرفان سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سڳوري جي حڪم جي روشني ۾ عمران خان مٿان حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قاتلاڻي حملي جي ڪيس ۾ قتل جي ارادي تحت قلم 302، 234 سان گڏ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس وزيرآباد جي سٽي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي ياد رهي ته سپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي 24 ڪلاڪن ۾ عمران خان مٿان حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ به طلب ڪئي هئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو