ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب جي صحافي غفار منگي جو اغوا ٿيل پٽ نصيب اللّٰه منگي ۽ مائٽ معشوق منگي کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي ايس ايس پي مير روحل خان کوسو پريس ڪلب پھچي جلد بازيابي جي خاطري ڪرائي احتجاج ملتوي ڪيو ويو ڏوھاري گينگ جو پتو لڳايو آهي نوجوانن جي جلد بازيابي ٿيندي.ايس ايس پي مير روحل کوسو تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ھيبت روڊ کان 2 ڏينهن اڳ ھٿياربند ڏوھارين ھٿان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافي غفار گل منگي جو نوجوان پٽ نصيب اللّٰه منگي، سندس مائٽ نوجوان معشوق منگي کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا جنهن کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي صحافي جي پٽ سميت ٻنھي نوجوانن جي بازيابي لاءِ صحافي برادري پاران پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو صحافي غفار منگي ۽ پريس ڪلب جي صحافين سان ايس ايس پي مير روحل خان کوسو رابطو ڪري ڳالھين لاءِ پريس ڪلب پھتو جتي صدر مسعود سومرو، جنرل سيڪٽري پيربخش بنگوار، راجا گوپي چند، علي حسن ملڪ، بقا محمد بنگوار، غلام رسول ميراڻي، غلام ياسين لاشاري، حفيظ ملڪ، غالب بلوچ، حضور بخش منگي، ممتاز سنڌي، نصير منگي، احمد علي مغل، سليم ميراڻي، نظير ميراڻي، نيڪ محمد خان سھرياڻي، قدرت اللّٰه ميراڻي، عبدالطيف ميرالي، علي شير ملڪ سميت ٻيا صحافي موجود ھئا ايس ايس پي مير روحل خان کوسو پريس ڪلب پھچي ٻنھي نوجوانن جي بازيابي جي خاطري ڪرائي جنهن ڪري صحافين جو اعلانيل احتجاج ملتوي ڪيو ويو انھي دوران ايس ايس پي مير روحل خان کوسو چيو ته اغوا ڪندڙ گينگ جو پتو لڳايو آهي جلد ٻنھي نوجوانن کي بازياب ڪرايو ويندو ڏوھارين ۽ سندس ساٿين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ضلعي اندر ڪافي بھتري آندي آهي ۽ ھاڻي به ڪم ھلي پيو عوام، ميڊيا ۽ پوليس پاڻ ۾ گڏجي تعاون ڪري ساٿ ڏين ته امن دشمنن جو خاتمو ڪري ضلعي ۾ امن قائم ٿي سگهي ميڊيا جو مڪمل ساٿ کپي ٿو