ڪنڌڪوٽ:پريس ڪلب اڳيان 2018 جي ايس ٽي آء بي پاس استادن طرفان تعليم کاتي جي عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ـ احتجاج ڪندڙ استادن عزيزالرحمان. احسان سبزوئي ۔ عطاء الله شر عبدالوھاب ميراڻي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي. فدا محمداڻي خادم ملڪ . ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي ضلع ڪشمورڪنڌڪوٽ ۾ ٿيندڙ جعلي ايڇ ايس ٽي پروموشنن خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون ھنن چيو ته چيوت تعليم کاتي ضلع ۾ پي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي جعلي آئوٽ آف ٽرن .سنگل پيپر پروموشن ۽ بغير ڊي پي سي ٿيڻ جي پروموشن ڪياوياآھن جيڪو اھل استادن جي حقن تي ڌاڙو آھي ھنن چيو ت بنادير ڪيل پروموشن ردڪياوڃن انصاف ڪري شفاف جاچ ڪرائي ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.