اسلام آباد: ۾ سرڪاري گاڏي 2 نوجوانن کي چيڀاٽي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ تيز رفتار سرڪاري گاڏي 2 نوجوانن کي چيڀاٽي ڇڏيو. پوليس عورت ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو اين ايڇ اي کاتي جي سرڪاري گاڏي کي عورت هلائي رهي هئي. سرڪاري گاڏي سان ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ضرار طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏني پئي وڃي پوليس عورت ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، گاڏي کي ٿاڻي منتقل ڪيو پيو وڃي. واقعي واري هنڌ تان ثبوت ۽ وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.