101

سون خريد ڪندڙن لاءِ خوشخبري

ڪراچي: حڪومتي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، سون جو في تولو اگهه 1 لک 88 هزار رپيا ٿي ويو آهي تفصيل موجب حڪومتي قدمن کانپوءِ ايڪسچينج مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي ۽ ڪرڪ ڊائون کانپوءِ سون جو في تولو اگهه 1 لک 88 هزار رپيا ٿي ويو آهي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ سون جي في تولو قيمت ۾ 27 هزار رپيا جڏهن ته 10 گرام جي قيمت ۾ 24 هزار 715 رپيا گهٽتائي ٿي وئي آهي عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 12 ڊالر سستي ٿي وئي ۽ سون جو في اونس 1826 ڊالر في اونس کان گهٽجي 1814 ڊالر في اونس ٿي ويو ڪالهه سون جو في تولو اگهه 1 لک 92 هزار رپيا هو، 2 سيپٽمبر کان سون جي في تولو قيمت ۾ 50 هزار رپين جي گهٽتائي ٿي آهي سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سبب پاڪستان ۾ رپئي جي قدر ۾ واڌ ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سود جي شرح ۾ مسلسل اضافو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو