ڪنڌڪوٽ:جماعت اصلاح المسلمين جميعت علماء طاهريه ضلعه ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جامع مسجد غوثيه ڳوٺ رسو آباد م جلسه عظيم الشان جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم منقعد ڪيو ويو جنهن جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو خيرپور جي بهترين نعت خوان قاري خير محمد راجپر طاهري نعتون پڙھي ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو ان موقعي تي خليفه رحمت الله راجپر طاهري جلسه م شرڪاء عوام اهلسنت کي خطاب ڪندي چيو ت حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد سان مرده دليو زنده ٿي پيون دنيا جي اندر اسلام دين جي روشني ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وئي حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ اسان اوهان لاء بهترين نمونو آھي اسان جي مرشد سڄڻ سائين جي تنظيم اسان کي محبت امن ڀائيچاري سيکاري ٿي اسان جي مرشد مربي محبوب سڄڻ سائين جن جو فرمان آھي ته پنهنجي ٻچڙن جي تربيت جو خاص خيال ڪريو نياڻن جي تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو پنهنجي صحت جو خاص خيال رکو زڪر نماز سنت جي خاص اهتمام ڪيو ان موقعي تي رفيق احمد سومرو طاهري تمام آيل فقراء جو آجياڻو پيش ڪيو آخر م دعا خير گهري جماعت م لنگر تقسيم ڪيو ويو