پنجاب جي علائقي چڪوال ۾ گھر اندر گئس لائين کي باھ لڳڻ سبب زخمي ٿيل ڳوٺ ايوب اعواڻ واسي 30 ورھين جو نوجوان مظفر اقبال اعواڻ ۽ سندس گھرواري فرح اعواڻ فوت ٿي ويا آھن جنھن سبب سندن گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ايوب اعواڻ واسي مظفر اقبال پٽ ايوب اعواڻ پنھنجي گھرواري ۽ ٻارڙن سان گڏ چڪوال جي علائقي ۾ رھندو ھو جتي ھفتو اڳ سندس گھر ۾ گئس لائين ليڪ ٿيڻ ڪري باھ لڳي وئي جنھن جي نتيجي ۾ زال ۽ مڙس زخمي ٿي پيا ھئا زخمي زال مڙس کي وارثن راولپنڊي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ھيو جتي سندن ساھ جو سڳو ٽٽي پيو آھي فوتين جا لاش ايمبولينس ذريعي وارث ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ايوب اعواڻ کڻائي اچي رھيا آھن زال ۽ مُڙس جي فوتگي جي خبر پوڻ کانپو۽ سندن گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي.