اسلام آباد:وفاقي سرڪار يوم اقبال تي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار 9 نومبر جي موڪل بحال ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف علامه اقبال جي يوم ولادت جي حوالي سان عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس ان حوالي سان موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو وزيراعظم شهباز شريف نومبر ۾ علامه اقبال جي فلاسفي شاعري ۽ نظريات کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ 22 رڪني ڪميٽي به ٺاهي ڇڏي جيڪا 3 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. سموري ملڪ ۾ علامه اقبال جي پيدائش تي پروگرام ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون علامه اقبال جو 146هون يوم پيدائش سڀاڻي جوش جذبي سان ملهايو ويندو. علامه اقبال 9 نومبر 1876ع تي اقبال منزل سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هو عربي ۽ فارسي جو مشهور شاعر هو جنهن قيام پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ياد رهي ته هر سال 9 نومبر تي سموري پاڪستان ۾ علامه اقبال جي يوم پيدائش کي يوم اقبال جي طور تي ملهايو ويندو آهي. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي دور ۾ يوم اقبال جي موڪل کي ختم ڪيو ويو هو

پنھنجي راءِ لکو