سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر

اسلام آباد جي خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي 17 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود خلاف اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي وڪيل صفائي سلمان صفدر، ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر چالان جي ڪاپي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا ان دوران شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ ۽ پٽ زين قريشي به اڊيالا جيل پهتا. ٻڌڻي دوران سائفر ڪيس ۾ چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي جيڪا 17 آڪٽوبر تي لاڳو ڪئي ويندي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي به 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي