ڪشمور جي ڳوٺ بخش علي خان کوسو ۾ ڪشمور پوليس جي چڙهائي ٽن ڳوٺاڻن جي گھرن جي جھڙتي ورتي وئي پوليس جي چڙهائي دوران ٽن ڳوٺاڻن رمضان کوسو، زاهد کوسو، عبدالواحد کوسو جي گرفتاري خلاف کوسا برادري پاران پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهر ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن نصرالله کوسو. علي مراد کوسو. استاد حبييب الله کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن صبح جو سوير سندس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سونا زيور موٽرسائيڪلون 14 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ لائسنس وارا قيمتي ھٿيار کڻي ويا آهن ۽ ٽن ڳوٺاڻن کي رمضان کوسو واحد کوسو، زاھد کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ جي ڪنهن به رھواسي مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ٿيل ناهي ڳوٺ جا رهواسي اڪثر سرڪاري ملازم ۽ عزت دار شهري آهيون اسان کي بي گناھ ڏوهاري ڄاڻائي نشانو بڻايو پيو وڃي احتجاج ڪندڙ کوسا برادري جي ماڻهن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻي کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي