اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان فون تي ڳالهرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين سان اڊيالا جيل ۾ پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جمع ڪرايل جواب ۾ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ايس پي جيل چيو آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت گرفتار جوابدارن کي پرڏيهه ۾ رهندڙن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي اجازت نه آهي دالت ايس پي اڊيالا کان قيدين سان فون تي ڳالهائڻ بابت جيل ايس او پيز طلب ڪري ورتيون آهن. عدالت جي جج ابوالحسنات 18 آڪٽوبر تائين سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي ايس او پيز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.