پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج جي آپريشن دوران اهم دهشتگرد مارجي ويو، هڪ جوان شهيد

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج جي آپريشن دوران اهم دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته پاڪ فوج جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو آهي آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي خيبر جي علائقي شاڪس ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران اهم دهشتگرد ڪمانڊر لياقت علي عرف شاهين مارجي ويو ڪارروائي دوران پاڪ فوج جو هڪ سپاهي سليم خان به شهيد ٿي ويو. شهيد ٿي ويل 28 ورهين سليم خان جو تعلق صوابي سان هو آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز مٿان حملن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث هو. مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد جي باري ۾ ڪافي وقت کان جبري گم ڪرڻ جي پروپيگنڊا ڪئي پئي وئي. 25 جون تي لياقت جي ڀاءُ مارجي ويل دهشتگرد جي جبري گمشدگي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ۽ الزام لڳايو هو ته سندس ڀاءُ کي 21 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪيو هو آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جو عزم مضبوط ڪن ٿيون

پنھنجي راءِ لکو