شڪارپور ضلعي جي رستم لڳ ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي هٿياربندن جي ڪاه ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو محبوب بروهي

شڪارپور ضلعي جي رستم لڳ ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي هٿياربندن جي ڪاه ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو محبوب بروهي ء پٽ محمد علي ء ٿاڻي جو وڏو منشي ء ٻن اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ڊي ايس پي خانپور مهدي رضا ٽالپر پوليس نفري ساڻ ڪري ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي پهچي ويو تفصيلي معلومات بعد پوليس پارٽي سان گڏ هٿياربندن پويان ڪچي طرف روانو ٿي ويو انڊس آن لائن کي مليل ڄاڻ مطابق پوليس پاران جتوئي برادري جو مهر بڊاڻي کي گرفتار ڪرڻ تان واقعو پيش آيو آهي هٿياربندن مهر بڊاڻي جي آزادي جي ڪري ڪارروائي ڪئي آهي ٻڌايو پيو وڃي ته مهر بڊاڻي پنهجي برادري سان جهيڙي دوران ٻانهن ۾ لڳل ڌڪ جو علاج ڪرائيندو هو علاج لاءِ وڃي رهيو ته پوليس گرفتار ڪيو هو جڏهن ته گرفتار ٿيل مهر بڊاڻي لاءِ علائقي واسين ٻڌايو آهي ته ڪجهه وقت اڳ مقرر ٿيل ايس ايس پي امجد علي شيخ پاران خانگي فورس ۾ شامل هيو جيڪو پوليس سان واسطا هئڻ ڪري شهر ۾ گهمندو هو جڏهن ته پوليس عملدارن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نٿي سگهيو آهي ٻئي طرف پوليس جي پنج اهلڪارن جي اغوا واقعي تي ضلعي جي پوليس سميت علائقي ۾ ٿرٿلو متل آهي آخري اطلاعن تائين مغوين جي مغوي ايس ايڇ او ء اهلڪارن جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي