شڪارپور جي ڪچي ۾ ٿاڻي مٿان ڌاڙيلن جو حملو، ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار اغوا. خانپور ڀرسان ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڌاڙيلن حملو ڪري پوليس عملي کي يرغمال بڻائي ورتو. هٿياربند ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا مبينه طور تي ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو محبوب بروهي، هيڊ محرر سميت سمورن اهلڪارن کي ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا. شروعاتي ڄاڻ موجب نامعلوم اغوا ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ فرار ٿي ويا آهن. واقعي جي اطلاع ملندي ئي شڪارپور پوليس ۾ ڀڄ ڊڪ پئجي وئي. پوليس جي وڏي نفري ڪوٽ شاهو جي ڪچي واري علائقي ۾ طلب ڪئي وئي آهي پوليس اختيارين موجب ٿاڻي تان اغوا ٿيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، وڏو منشي نسيم گوپانگ، اهلڪار جان محمد بکراڻي، اياز علي ڪنڀر شامل آهن. اهڙي اطلاع ملندي ايس ايس ڇي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي پوليس جي اٽالن سميت واقعي وار يهنڌ پهتو ۽ پيرا کڻائي ڪچي طرف روانو ٿي ويو ذريعن موجب ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس آپريشن دوران 2 خطرناڪ ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا هئا جن جي سر جي قيمت به مقرر ٿيل آهي. ڌاڙيلن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته سندن ساٿين کي آزادي ڪيو وڃي پر پوليس گرفتار ڪيل ٻنهي ڏوهارين کي آزاد نه ڪيو جنهن جي رد عمل ۾ ڌاڙيلن ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي حملو ڪري پوري عملي کي يرغمال بڻايو ۽ ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي اغوا ڪري درياهه جي هن پار فرار ٿي ويا ٻئي طرف سنڌ جي نگران وڏي وزيرجسٽس(ر) مقبول باقر شڪارپور ۾ ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو سميت 5 اهلڪارن جي اغوا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي پوليس کي فون ڪري شڪارپور پهچي مغوين جي بازيابي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويندا ته عوام جي حفاظت جو الله حافظ آهي نگران سنڌ جي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي يا پوليس اگهور ننڊ ستل آهي؟ ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز گهرن ۾ ويهي ڊيوٽي ڪن ٿا جيڪو برداشت جوڳو عمل نه آهي. اهڙن پوليس آفيسرن جي هن صوبي کي ۽ هتي جي عوام کي ڪابه ضرورت نه آهي. وڏي وزير ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي وضاحت پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او، هيڊ محرر ۽ پوليس اهلڪار بازياب نه ٿيا ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن مغوي پوليس اهلڪارن کي 3 ڏينهن جي اندر بازياب ڪرائڻ جو وقت ڏيندي چيو ته مان پاڻ ٿاڻن ۽ سمورن پوليس آفيسرن جي آفيسن جي انسپيڪشن ڪندس. جنهن ضلعي يا ٿاڻي ۾ قانون موجب ڪم نه ٿيندو انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.