مٽياري ڀرسان ڪاروڪاري جي الزام هيٺ عورت ۽ 2 نوجوان قتل

مٽياري ڀرسان ڳوٺ ڪرم خان لاشاري ۾ سُهري پنهنجي ننهن ۽ ٻن نوجوانن کي بندوق جا فائر ڪري ڪاروڪاري الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي. کيبراڻي پوليس قتل ٿيل ٽنهي ڄڻن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا ايس ايڇ او کيبراڻي موجب رات دير سان ڳوٺ ڪرم خان لاشاري ۾ حيات لاشاري پنهجي ننهن جي ڪمري ۾ ٻن مردن کي ڏٺو جنهن بعد هن کين گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو وليس موجب جوابدار حيات لاشاري رضيه زال محمد علي لاشاري ۽ 2 نوجوانن ڳوٺ بچل هنڱورجا واسي نبي بخش کوسو ۽ اڪن کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ٽنهي لاشن کي کيبراڻي پوليس پاران تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو آهي مقتول نوجوانن جي وارثن موجب نبي بخش کوسو، اڪن کوسو ڪالهه هالا وڃڻ جو چئي گهران نڪتا اڄ ميڊيا ذريعي سندن قتل جي خبر پئي. مقتول ناري ۽ نوجوانن جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو، وارثن طرفان معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.