ڪنڌڪوٽ : ۾ انٽرنيشنل گرل چلڊرن ڊي جي حوالي سان الحافظ شادي حال ڪنڌڪوٽ ۾ ڇوڪرين ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ۽ تعليم جي حوالي سان سماجي تنظيم ايڪٽڊ جي تعاون سان اسپارڪ جي طرفان تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مھمان خاص ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور امير فضل اويسي ھئا. جنهن جا آرگنائيزر ھائي سينٿ پيٽر پروجيڪٽ مينيجر اسپارڪ، فھميدا چاچڙ،نديم ڀٽي، غلام مرتضيٰ کہوسو، محمد اعظم،نثار احمد، فراز احمد، فضل محمد ملڪ، نيازَ احمد، علي شير ۽ سلمان ٽانوري سوشل موبلائیزر ھئا. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. جنهن ۾ ٻارڙن نعت، قومي ترانو، ملي نغمو، ۽ ٽيبلو وغيره پيش ڪيو. ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان سنڌ جي مشهور اداڪارن راجيش گل، ايم فھيم چاچڙ ۽ صادق حسين ملڪ اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيو . جنهن ۾ ھڪ ميسيج ڏنو ويو ته نياڻين کي تعليم ڏيارڻ گھرجي. جنهن کي ڏسندڙن پاران ڀرپور داد ڏنو ويو. پروگرام ۾ سماجي تنظيم ايڪٽڊ ۽ اسپارڪ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نياڻيون وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪن. اسين مختلف ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ٻارڙن کي بيگ ڪاپيون وغيره فري ۾ ڏيون ٿا ته جيئن ڳوٺاڻن غريبن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري سگهن. ۽ اسين مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جي رپيئرنگ ڪرايون ٿا.۽ باٿروم، سولر پليٽون ۽ پکا وغيره به ڏيون ٿا.۽ اسان ڪوشش ڪيون ٿا ته ٻھراڙين جي ڳوٺاڻن ۽ ڇوڪرين ۾ شعور پيدا ٿئي. ۽ ڳوٺاڻا پنهنجيون نياڻيون پڙھائن. ۽ ڇوڪريون پڙهي ڪري پنهنجي ڳوٺ، شھر، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.