ڪنڌڪوٽ ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ يونين آف جرنلسٽس ۽ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جي صحافين طرفان شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ يونين آف جرنلسٽس ۽ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جي صحافين طرفان شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علي حسن ملڪ ـ مسعود عالم سومرو ـ غلام رسول ميراڻي ـ پير بخش بنگوار ـ بقا محمد بنگوار ـ لياقت علي کوسو ـ حفيظ ملڪ عبدالخالق چاچڙ غلام ياسين لاشاري فخر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري زوردار نعري بازي ڪئي وئي ـ مظاھري ۾ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ مظاھرين نگران سنڌ حڪومت ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جلد شھيد جان محمد مھر جي قاتلن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ پاڪستان فيڊريل يونين آف جرنلسٽس جي قائدين جي ھدايتن تي احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو ـ