ورلڊ ڪپ: انگلينڊ افغانستان خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو

آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ جي 13هين ميچ ۾ انگلينڊ افغانستان جي خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي شهر نيو دهلي جي اردن جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم جي قيادت جوز بٽلر ۽ افغان ٽيم جي ڪپتاني حشمت الله شاهدي ڪري رهيو آهي واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين ٻئي ٽيمون 2-2 ميچز کيڏي چڪيون آهن. انگلينڊ هڪ ميچ ۾ فتح حاصل ڪئي آهي جڏهن ته افغان ٽيم کي ٻنهي ميچن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي.