لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل شيخ نعيم قاسم چيو آهي ته اسان پوري طرح تيار آهيون، جهڙي طرح خطي مان داعش کي ختم ڪيو اهڙو ئي ساڳيو انجام اسرائيل جو به ٿيندو يلي کي خطاب ڪندي حزب الله جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان فلسطين اسرائيل ڇڪتاڻ ۾ حصو وجهي رهيا آهيون ۽ پنهنجي وزن ۽ منصوبي جي تحت ان ۾ حصو وجهندا رهنداسين نعيم قاسم چيو ته عرب ملڪ ۽ گڏيل قومن جي سفيرن طرفان سڌو سنئون اسان کي جنگ ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو چوڻ سان اسان تي ڪوبه اثر نه پوندو. حزب الله پنهنجا فرض پورا ڪرڻ ڄاڻي ٿي هن وڌيڪ چيو ته اسان پوري طرح تياري ڪري ورتي آهي جڏهن ڪارروائي جو وقت ايندو ته اسان به ان ۾ حصو وٺنداسين ان کان اڳ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته هڪ به فلسطيني غزه ڇڏي مصر هجرت نه ڪندو. مصر اسان جو مسلمان پاڙيسري ملڪ آهي ۽ مصري اسان جا ڀائر آهن. مصر طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير به اسرائيل جو ساٿ ٿيندڙن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ اهو موقعو ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن جنگ ۾ حزب الله شامل ٿئي ته اسرائيل تي ان جا تباهه ڪندڙ اثر پوندا.