سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن: پابندي مڙهيل بي ايل اي جو ڪمانڊر ساٿي سميت مارجي ويو

سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي(بي ايل اي) عبدالمجيد بريگيڊ جو اهم ڪمانڊر ساٿي سميت مارجي ويو آهي سيڪيورٽي فورسز بي ايل اي جي دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران دهشتگرد صدام حسين مسلم مارجي ويو مارجي ويل دهشتگرد صدام حسين مسلم، گرو ۽ جبار جهڙن نالن سان مشهور هوندو هو، سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگرد صدام حسين جو هڪ ٻيو ساٿي مقصود به مارجي ويو آهي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته عبدالمجيد بريگيڊ عورتن کي خودڪش حملن جي لاءِ استعمال ڪرڻ سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث آهي اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگرد صدام حسين 2008 ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ جو حصو بڻيو سندس خلاف گوادر ۽ تربت ۾ اڻ ڳڻيا ڪيس داخل آهن ۽ هو ڪيچ ضلعي ۾ تخريبڪاري جا ڪيترائي سيل به هلائي رهيو هو.