غزه تي گذريل هڪ هفتي کان جاري اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 2329 تائين پهچي ويو 9 هزار 700 ماڻهو زخمي، جڏهن ته 3 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف حماس جي طوفان الاقصيٰ آپريشن ۾ اسرائيلي فوتگين جو انگ 1300 ٿي ويو، جڏهن ته 3400 کان وڌيڪ زخمي آهن عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فلسطيني حريت پسند تنظيم حماس جا اسرائيل تي تاريخي ۽ حيران ڪندڙ حملن کان پوءِ اسرائيلي فوج جي هڪ هفتي کان غزه تي بمباري جاري آهي. اسرائيلي فوج طرفان رهائشي عماتن، عورتن ۽ ٻارن کي به نشانو بنايو پيو وڃي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي فلسطين جي صحت واري وزارت هڪ هفتي کان جاري غزه تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هينئر تائين 724 ٻارن سميت 2329 شهادتن ۽ 9 هزار 700 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف اسرائيل کي هيلٿ منسٽري جي دعويٰ آهي ته حماس جي حملي ۾ اسان جا 1300 شهري مارجي ويا آهن جڏهن ته 3400 کان وڌيڪ زخمي آهن گڏيل قومن طرفان چيو ويو آهي ته غزه تي جاري بمباري سبب هن وقت تائين غزه مان 3 لک فلسطيني شهري بي گهر ٿي ڪيمپن ۾ پناهگير ٿي چڪا آهن. روزانو انهن جو انگ وڌي رهيو آهي اسرائيلي فوج بزدلاڻا قدم کڻندي غزه جو مڪمل محاصرو ڪندي بجلي، پاڻي، خوراڪ دوائن ۽ تيل جي سپلائي ڪٽي ڇڏي آهي جنهن سبب غزه ۾ ڪنهن وڏي انساني الميي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. اسرائيلي حڪومت چيو آهي ته حماس طرفان اسان جي يرغمال بنايل فوجين کي آزاد ڪرڻ تائين غزه جي خوراڪ، تيل ۽ بجلي جي سپلاءِ واري لائين بحال نه ٿيندي گڏيل قومن غزه جي مڪمل ناڪه بندي، بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ جي ورهاست کي بند ڪرڻ جي عمل کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان شهرين جي بقا کي خطرو آهي. سڄي دنيا جي ملڪن طرفان غزه جو محاصرو ڪرڻ ۽ بمباري جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ فوري طور تي حماس ۽ اسرائيل کان جنگبندي سميت اسرائيل کان غزه جو محاصرو ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.