رحيم يار خان: غيرقانوني سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي شهري گرفتار

رحيم يار خان ۾ غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي شهري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي رينجرز ترجمان موجب گشت دوران 18 ورهين جي بپن ولد متله کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي تلاشي دوران سندس کيسي مان 110 روپيه انڊين ڪرنسي جا نوٽ پڻ هٿ آيا آهن پڇاڳاڇا دوران بپن ٻڌايو ته منهنجو تعلق راجستان انڊيا سان آهي. گرفتار ٿيل ڀارتي شهري پاڪستان ڇو آيو ان بابت هو اڃان تائين ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيو آهي رينجرز غيرقانوني طريقي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ 18 ورهين جي ڀارتي نوجوان کي وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ اسلام ڳڙهه ٿاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جتي پوليس ڀارتي نوجوان جي خلاف قلم 4/3 ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.