ٺڪراٺو جي سومرا پاڙي واسين جو وڏي ڀاءُ جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج وڏو ڀاءُ ابن ڏاڏن جي 10 ايڪڙ زمين مان حصو نٿو ڏئي ڪوڙا کاتا ٺھرائي زمين بااثر ماڻھن کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي وس وارا ملڪيت مان حصو ڏياري پريشانين کان بچائين مطالبو خبر موجب ٺڪراٺو جي سومرا پاڙي واسين وڏي ڀاءُ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ سرور سومرو محمد اسماعيل ۽ مائي وزيران خاتون سومرو احتجاج ڪندي دانھيندي الزام لڳايو آھي ته اسانجو ڀاءُ محمد موسا سومرو جيڪو ابن ڏاڏن جي 10 ايڪڙ تي قبضو ڪري ڪوڙا کاتا ٺھرائي بااثر ماڻھن کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي جنھن مان ھو نه اسان ڀائرن ۽ ڀينرن کي حصو ڏئي رھيو آھي نه ئي وري سئوٽن کي حصو ڏئي ٿو جنھن سبب سخت پريشان آھيون احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته ڀاءُ اسانکان بيان وٺڻ بدران زمين جا ڪوڙا کاتا ٺھرايا آھن اسانکي وارثن ۾ نه ڄاڻايو اٿس ان بابت ڊي سي سکر مختياڪار پنوعاقل سميت علائقي جي چڱن مڙسن کي دانھيو آھي پر ڪوبه تدارڪ ناھي ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن ڊي سي سکر ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حق کائيندڙ وڏي ڀاءُ خلاف ڪارروائي ڪري ڪوڙا کاتا رد ڪري اسانکي پنھنجو حق ڏياريو وڃي.