ٺڪراٺي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي شاعرن پنھنجون تخليقون پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي فلسطين ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم تي ڏک جو اظھار عالمي ادارن کان فلسطين مٿان ٿيندڙ ظلم جي نوٽيس جو مطالبو خبر موجب ٺڪراٺو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺڪراٺو جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ گڏجاڻي واجد سومري جي صدارت ھيٺ ٿي گذري، گڏجاڻي جو آغاز ربيع الاول جي نسبت سان ٿيو جنھن ۾ ڏات ڌڻين پنھنجي تخليقن سان حضور صہ جن جي زندگي تي روشني وڌي، گڏجاڻي ۾ شاعرن برادي منگي ٺڪراٺوي، اصغر سمون روپھري، عابد جاني ملڪ، ممتاز مسيع، عطا سھتو مير حسن منگي ۽ ڪرم علي مھتم شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسرائيل پاران فلسطين تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، شاعرن بيت، ڪويتا، غزل پڙھي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي گڏجاڻي جي آخر ۾ عالمي ادارن کان فلسطين مٿان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.