اوگرا حڪومت کي سمري موڪلي ڇڏي، پيٽرول ڪيترو سستو ٿيندو؟ اهم بيان سامهون اچي ويو

آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو ورڪنگ پيپر حڪومت کي موڪلي ڇڏيو مهانگائي سبب پريشان عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي ان حوالي سان اوگرا حڪومت کي ورڪنگ پيپر موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 38 رپيا 49 پئسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 21 رپيا گهٽتائي جي تجويز آهي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حتمي فيصلي جو اختيار ناڻي واري وزارت وٽ آهي