حڪومت هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول، ڊيزل تي ٽيڪسز مارجن وڌائي ڇڏيا

حڪومت هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيڪسز ۽ مارجن وڌائي ڇڏيا آهن دستاويز موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي ۾ 5 روپيه في ليٽر اضافو ڪري ليوي جي شرح 50 روپين مان وڌائي 55 روپيه في ليٽر مقرر ڪري ڇڏي آهي پيٽرول تي ليوي جي شرح 60 روپيه في ليٽر تي برقرار آهي پيٽرول تي او ايم سي مارجن ۾ 47 پئسن جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پيٽرول تي في ليٽر مارجن 7.41 روپيه مقرر ڪيو ويو دستاويز موجب پيٽرول تي ڊيلر مارجن به 41 پئسا وڌايو ويو اهڙي اضافي کان پوءِ ڊيلر مارجن 8 روپيه 23 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي ياد رهي ته او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن 16 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر تي به وڌايو ويو آهي ٻئي طرف نگران حڪومت ڊيزل تي لڳايل ليوي ۾ پنج روپيه في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان اوگرا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ڊيزل تي ليوي جي شرح 55 روپيه في ليٽر ۽ پيٽرول تي ليوي جي شرح 60 روپيه في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي شرح آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل شرطن تي وڌائي پئي وڃي