سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سپاهي به شهيد ٿي ويا آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب 16 آڪٽوبر 2023 تي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعن ۾ آرمي ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو پهريان چڪريون ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسمان منزه ۾ ٿيون جتي دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بنايو ويو. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سپاهي ساجد اعظم(عمر 31 سال رهندڙ ڪوٽلي، آزاد ڪشمير) بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو ٻئي ڪارروائي اتر وزيرستان جي ضلعي ميران شاهه جي عام علائقي ۾ ڪئي وئي جتي دهشتگردن ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته سپاهي ڪرڪ جو رهواسي 27 ورهين جو سپاهي وارث خان شهيد ٿي ويو پاڪ فوج جي ترجمان موجب علائقي ۾ دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.