ڪنڌڪوٽ : بخشاپورلڳ ٻن موٽرسائيڪل جو ڪار سان زوردار ٽڪر ٻھ ڄڻا فوت ٽي زخمي ٿي پيا زخمين کي اسپتال ڪشمور منتقل مڙھ گهر ۾ قعورام مچي ويو

تفصيل موجب بخشاپور لڳ انڊس ھاء وي انڌي ڦاٽڪ وٽ ٻن موٽرسائيڪل جو ڪار سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي م 30 سالن جو نظر محمد ڪوش ء 12 سالن جي نينگري راستي ڪوش سميت ٻھ ڄڻا فوت جڏهن ته مسمات حضوران خاتون مسمات منظوران خاتون سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا اھڙو اطلاع بخشاپور پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي حادثي م زخمي ٿيل ء فوت ٿي ويل جا مڙھ اسپتال بخشاپور کڻي آندا ويا جتي بخشاپور اسپتال م سھولتون نه ھجڻ ڪري ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو جن مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جتي قانوني ڪاروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو فوتين جو تعلق ڪشمور گيھلپور واري علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي