ڪار ساز سانحي کي 16 سال گذري ويا، پ پ طرفان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد

ڪار ساز سانحي کي 16 سال گذري ويا، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ طرفان مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 18 آڪٽوبر 2007ع تي ملڪ واپسي تي دهشتگردي جي ڏکوئيندڙ واقعي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا هئا 18 آڪٽوبر 200ع تي جڏهن اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڊگهي جلا وطني کان پوءِ ملڪ واپس پهتي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي جيالن سندس شاندار استقبال ڪيو. عوام جي تمام گهڻي تعداد هجڻ سبب بينظير ڀٽو جي خصوصي ٽرڪ ڪارساز تائين جو منٽن جو سفر ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ڪيترن ئي ڪلاڪن جي سفر کان کان پوءِ جيالن جو اهو ڪاروان ڪارساز پهتو ته 2 زوردار ڌماڪا ٿيا. ڌماڪن سبب سموريون خوشيون قيامت ۾ تبديل ٿي ويون. ڌماڪا ٿيندي ئي هر طرف افراتفري مچي وئي. هر طرف دانهون ۽ رڙين جي آواز سان گڏ ايمبولينس جا سائرن به وڄڻ شروع ٿي ويا اهڙي افسوسناڪ واقعي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا هئا پ پ طرفان سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي مالي مدد سان گڏ سرڪاري نوڪريون ۽ مفت رهائشي فليٽ به ڏنا ويا. واقعي جون 2 ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ جي باجود اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ياد رهي ته پ پ جا جيالا، ڪارڪن ۽ اڳواڻ هر سال ڪارساز واري ڏهاڙي تي شهيدن جي يادگار تي جمع ٿيندا آهن ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪندا آهن.