آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 16هين ميچ ۾ افغانستان نيوزيلينڊ جي خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ چنئي ۾ کيڏيو پيو وڃي. جنهن ۾ افغان ٽيم جي قيادت حشمت الله شاهدي ۽ نيوزيلينڊ ٽيم جي قيادت ٽام ليتهم ڪري رهيا آهن نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون هينئر تائين هن ورلڊ ڪپ ۾ 3-3 ميچز کيڏي چڪيون آهن. نيوزيلينڊ کي هينئر تائين ميچن ۾ شڪست نه ملي آهي جڏهن ته افغانستان صرف هڪ ميچ کٽيو آهي.