اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته احتساب عدالت به توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ نوازشريف جا وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود ۽ افضل قريشي دليل ڏنا ٻڌڻي دوران اعظم نذير تارڙ چيو ته نوازشريف ٽرائيل ڪورٽ ۾ اشتهاري هو، ان ۾ سندس وارنٽ معطل ٿي ويا آهن جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان وٽ اهو آرڊر آهي؟ اعظم نذير ٻڌايو ته آرڊر ٿي ويو آهي وڪيل احتساب عدالت مان اچي رهيا آهن. جنهن کان پوءِ عدالت احتساب عدالت جي حڪم کي آڏو رکندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ 24 آڪٽوبر تائين سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي: اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نوازشريف جي توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ معطل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ نوازشريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي قاضي مصباح چيو ته نوازشريف جي وارنٽ معطلي تي ڪالهه درخواست داخل ڪئي هئي هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ۽ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي ان ڪري سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن. ان تي جج محمد بشير چيو ته نوازشريف جي خلاف توشه خانه ڪيس نيب ڪورٽ 3 جو معاملو آهي جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته 24 آڪٽوبر تي اوهان جي عدالت ۾ ٻڌڻي مقرر آهي. نوازشريف پيش ٿيڻ چاهي ٿو نوازشريف جي وڪيل جي موقف تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت داخل ڪئي؟ ان تي وڪيل ٻڌايو ته توشه خانه ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت داخل نه ڪئي آهي. توشه خانه ڪيس ۾ وارنٽ جاري ٿيا آهن. فيصلو نه ٿيو هو. اسحاق ڊار جا ساڳئي نوعيت جي ڪيس ۾ وارنٽ معطل ٿيا هئا وڪيل صفائي چيو ته نوازشريف جي تازي رپورٽ به گڏ لڳائي وئي آهي. هو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو. گرفتاري وارنٽ معطل ٿيڻ تي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيندو آهي جڏهن ته نيب طرفان نوازشريف جو ڪوبه گرفتاري وارنٽ موجود نه آهي ان لاءِ وارنٽ معطل ڪريو ته جيئن عدالت اچڻ جو رستو ملي وڃي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نوازشريف 2 ريليف گهريا آهن، هو چئي رهيو آهي ته عدالت جي سامهون سرنڊر ڪرڻ چاهي ٿو. نوازشريف اچڻ چاهي ٿو ته وارنٽ 24 آڪٽوبر تائين معطل ڪري ڇڏيو. عدالت وڪيل صفائي ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ نوازشريف جي وارنٽ معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته جيڪڏهن نوازشريف 24 آڪٽوبر تي نه پهتو ته سندس گرفتاري وارنٽ بحال ٿي ويندا.