گم ٿي ويلن جو ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ڪارڪردگي تي عدم اعتماد ظاهر ڪري ڇڏيو، اختيارين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب

سنڌ : هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويلن جي بازيابي بابت درخواستن تي پوليس ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي اختيارين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ جي آڏو گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ گم ٿي ويل شخص جي گهر ڀاتين چيو ته ڪامران 2016ع کان گم آهي سندس اڃان تائين ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي. اسان جا پيارا ڪٿي آهن ڪهڙي حال ۾ آهن، ڪجهه ته ٻڌايو وڃي. هڪ ٻئي گم ٿي ويل شخص جي گهر ڀاتين ٻڌايو ته منهنجو پٽ مشتاق 2015ع کان گم آهي عدالت پوليس ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته اسان کي هاڻ گم ٿي ويلن بابت روزاني جي بنياد تي رپورٽ گهرجي. اسان کي رپورٽ ڏني وڃي ته اوهان گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏيندي پڇاڻو ڪيو ته 20-20 جي آءِ ٽيز جا سيشن ٿيندا آهن ڪوبه ماڻهو بازياب به ٿيندو آهي يا نه؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته گم ٿي ويلن جي بازيابي لاءِ جلد قدم کنيا وڃن جسٽس امجد سهتو چيو ته ائين ئي ماڻهن جو وقت خراب نه ڪيو. ماڻهو ڀاڙا خرچ ڪري عدالت پهچندا آهن. ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ ڏني وڃي ته پوليس گم ٿي ويلن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس اختيارين کان گم ٿي ويلن بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.