سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ حيدرآباد جي خوبصورتي، تاريخي خزاني، سياحت ۽ شاندار ورثي تي ٻڌل عالمي نمائش منعقد

ڄامشورو:( پ_ ر) سيبس يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو پاران يونيورسٽي جي اي آر ناگوري گيلري ۾ ”تاريخ جو در“ جي عنوان سان ست ڏينهن واري عالمي پوسٽر نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش جو افتتاح صدر آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي محمد احمد شاهه ۽ سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو گڏيل طور تي ڪيو نمائش ۾ حيدرآباد جي خوبصورتي، تاريخ، خزانو، روايتي کاڌن، سياحتي ماڳن، ڪپڙي جي صنعت، مزارن، مقبرن، نباتات ۽ جانورن، دستڪاري ۽ شاندار ورثي جي نمائش ڪئي وئي. هن منفرد نمائش ۾ پاڪستان سميت 32 ملڪن جي 132 ڊزائنرن شرڪت ڪئي. آذربائيجان، بيلاروس، ڪئناڊا، چين، قبرص، ڊينمارڪ، ايڪواڊور، مصر، جرمني، يونان، هنگري، انڊيا، انڊونيشيا، ايران، عراق، اٽلي، جاپان، اردن، يو اي اي، ملائيشيا، ميڪسيڪو، پاڪستان، پولينڊ، پرتگال، رومانيا، روس، سلوواڪيا، ڏکڻ ڪوريا، سئٽزرلينڊ، تائيوان، ترڪي، يوڪرين ۽ آمريڪا جي ڊزائنرن جو ڪم نمائش ۾ پيش ڪيو ويو ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد احمد شاهه چيو ته اهڙي نمائش سندس لاءِ هڪ شاندار تجربو آهي ڇو ته اها ڊجيٽل پورٽريٽ ذريعي حيدرآباد جي لڪيل خوبصورتي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته شاگردن مختلف ملڪن جي عالمي ڊيزائنرز سان سهڪار ڪيو آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هو پاڪستان جي مثبت تصوير کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. سيد محمد احمد شاهه وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي شعبي ۾ شاگردن جي تخليق مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، سيبس يونيورسٽي سان مستقبل ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۽ نمائشن لاءِ ڊگهي مدي لاءِ سهڪار ڪري رهي آهي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته حيدرآباد قديم جين ۽ هندو اڏاوتن، انگريزن واري دور جي فن تعمير ۽ اسلامي اثرن جو مجموعو آهي ۽ هي اهو تاريخي شهر آهي جيڪو اکين کي وڻندڙ قديم عمارتن ۽ آرائشي ڪاٺ جي جهروڪن سان سينگاريل آهي. هن چيو ته نمائش جو مقصد شاگردن، آرٽسٽن، ڊيزائنرن، دانشورن، اديبن، ميڊيا پروفيشنلز ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ آهي نمائش ڪميونيڪيشن ڊزائن شعبي جي چيئرمين محمد سليم جهتيال جي رهنمائيءَ ۾ لڳائي وئي جڏهن ته انهيءَ جا ڪيوريٽر ڪاشف شهزاد ۽ عينه نديم هئا.