اوٻاوڙو ايڊيشنل سيشن جج محمد عباس سيال پاران ايڊووڪيٽ محمد ايوب ملڪ جي گهر تي بلا جواز پوليس چڙهائي

اوٻاوڙو : ريتي پولیس بغير اين سي ۽ ايف آئي آر جي ايڊووڪيٽ محمد ايوب ملڪ جي گهر تي چڙهائي ڪري چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ ايڍووڪيٽ ايوب ملڪ کي ڌمڪايو ويو, ايڊيشنل سيشن جج محمد عباس سيال پاران ريتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رمضان ميراڻي، اي ايس آئي فضل لغاري، اي ايس آئي شاهنواز لغاري، سب انسپيڪٽر ڳوڌو جوڻو، پوليس اهلڪار حق نواز چانڍيو ۽ پوليس اهلڪار محرم تي ايف آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ايڊوڪيٽ محمد ايوب ملڪ جو چوڻ آهي ته چار ڏينهن اڳ بلا جواز منهنجي گهر تي ريتي پوليس چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو هو ۽ مون کي ڌمڪايو به ويو هو جنهن تي مون ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي مونکي انصاف مليو آهي ۽ ايڊيشنل سيشن جج صاحب بلا جواز گهر تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف فيصلو ڏيندي انهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي جنهن تي مان عدالت جو شڪر گذار آهيان جتان مونکي انصاف مليو آهي