چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ ماڻهون قتل ڪيا ويا هئا، هي سنڌ جي شعور جي جدوجهد ۽ مسلسل احتجاج هو، جنهن ڪري جيڪو وزير داخلا جيڪو ڪالهه انهن ماڻهن کي دهشتگرد پيو چوي اڄ اهو انهن جي گهر وَڃي انهن کي چئي پيو ته اوهان بيگناهه آهيو، توهان کان معافي ٿا وٺون ۽ انهن کي اهو چوي ٿو ته مان غلط بيان ڏنو آهي ۽ اوهان کي 80 لک معاوضو هڪ معصوم خون جي بدلي ڏيون ٿا. اها فتح سنڌ جي ماڻهن جي آهي پر سنڌ انصاف پئي گهري. سنڌ گهر پئي ته هن معاملي جي ڪرمنل جوڊيشل انڪوائري ٿئي، جنهن ۾ انتظامي عملدار نه بلڪه جوڊيشل عملدار مقرر هجن. اها انصاف جي تقاضا آهي ته قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن انهن جي مٿان معصوم ڳوٺاڻن تي گوليون هلائڻ انهن کي قتل ڪرڻ، انهن کي زخمي ڪرڻ ۽ انهن کي حراسان ڪرڻ جا ۽ دهشتگرديءَ جا مقدما داخل ڪري انهن جو ٽرائل هلايو وڃي. ايئن ناهي ته خونن جا پئسا ڏَئي، انهن کي چئو ته اوهان کي معاوضو ڏنوسين. سنڌ ڏسڻ ٿي چاهي، ڇاڪاڻ ته امان جندو چانڊيو قاتلن کي ڦاهيءَ تي چاڙهايو هئو پر انهن کان معاوضو قبول نه ڪيو هو، جنهن جو خاندان ڀٽڪندو رهيو ۽ ان جي سڄي خاندان کي برباد ڪيو ويو اسان اڄ چئو ٿا ته ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن. حڪومت جو اهو فيصلو قبول ناهي سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو ڏسڻ ٿا چاهين قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن منتقي انجام تائين پهچَن. هي قاتلن کي ڇَڏي، معاوضو ڏَئي هن معاملي تي مٽي وجهڻ ٿا چاهين اهو سنڌ کي قبول ناهي.