ڪراٺو ۾ شھرين پاران فلسطين جي حق ۾ احتجاجي مظاھرو اسرائيل جي ظلم جي نوٽيس جو مطالبو ڪيو ويو

ٺڪراٺو : ۾ فلسطين جي مسلمانن جي حق ۾ شھرين مين چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي اسرائيل فوج خلاف نعريبازي ڪئي آھي احتجاج ڪندڙن استاد طاھر حسين مھتم راجا حق نواز مھتم ڪليم الله مھر ۽ ٻين چيو آھي ته اسرائيلي فوج مسلسل فلسطين جي مسلمانن تي ظلم ڪري رھي آھي جنھن عمل سان دنيا ۾ رھندڙ مسلمانن سميت اسان پاڪستانين جي به دل آزاري ٿي رھي آھي اسرائيل جي فوج بم ۽ گولا اڇلائي فلسطين ۾ رھندڙ معصوم ٻارڙن عورتن ۽ ٻين مسلمانن جو رت وھائي ظلم ڪري رھي آھي احتجاج ڪندڙ شھرين عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسرائيل جو ظلم بند ڪرائي فلسطين جي مسلمانن کي تحفظ ڏنو وڃي.