ڪنڌڪوٽ :ست سال اڳ مبينا طور اغوا بعد بيدردي سان ڪهاڙين سان قتل

ڪنڌڪوٽ :ست سال اڳ مبينا طور اغوا بعد بيدردي سان ڪهاڙين سان قتل ڪيل ڇهين ڪلاس جي اسڪولي شاگرد مقتول نادر ڀيو جي قتل سان انصاف نه ٿيڻ تي مقتول جي امڙ مسمات شهوران ڀيو ۽ مقتول شاگرد نادر ڀيو جي ننڍڙي ڀاءُ فريد ڀيو ۽ مقتول جو چاچو رفيق ڀيو غوثپور پريس ڪلب پهچي انصاف نه ملڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمور ضلعي جي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ ان موقعي تي متاثرن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ست سال اڳ منهنجو نينگر 12 سالن جو نادر ڀيو جيڪو ڳوٺ قياس خان ڀيو ۾ اسڪول پڙهڻ ويو ته واپسي ايندي ڳوٺ قياس خان ڀيو جا رهواسي جوبدار ارصلاح ڀيو.جهنگل ڀيو. رضوان ڀيو ۽ ٻين جوابدارن مبينا طور اغوا ڪري ساڻس بدفعلي ڪرڻ بعد ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٽوڙي بنگلي جي ڀر سان مٽي ۾ پوري ڇڏيو هيو ۔هڪ هفتي جي ڳولھا بعد قتل ٿيل نينگر جو لاش ملڻ بعد واقعي جو ڪيس دراني مهر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو جنهن مان چار جوابدار پوليس گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ جوابدارن پاران نينگر کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ويو هو پر منهنجو پيرسن سهرو جيڪو ڪيس ۾ فريادي هو اڻ پڙهيل هجڻ ڪري وڪيل برادري ۽ پوليس قاتل ڌر کان ڳري رشوت عيوض فريادي کان خالي پنن تي آڱوٺا ھڻائي جج کي راضي نامو لکي ڏئي منهنجي ٻچي جو خون لوڙهي ڇڏيو هو۔ جنهن بعد هنئير دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ رينجرس ۽ پوليس جي هلندڙ آپريشن دوران مون پنهنجي مقتول نينگر جي قتل جو ڪيس ۽ انجا وڍيل عضون جون تصويرون کڻي رينجرس جي ونگ ڪمانڊر ڏانهن کڻي دانهيو ته رينجرس جي عملدارن انصاف ڏيارڻ جي پڻ خاطري ڪرائي آهي۔ پر هن وقت تائين جوبدارن جي گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي آهي۔ مظاهرين وڌيڪ ايس ايس پي ڪشمور۔ رينجرس جي ونگ ڪمانڊر توڙي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجي مقتول نادر ڀيو جي ڪيس کي ٻيھر کولي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي مون سان انصاف ڪيو وڃي نه ته مان ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيندس۔۔