ٺڪراٺي ۾ آل سنڌ منگي اتحاد جي سرپرست روشن علي منگي جو دورو منگي برادري جي ماڻھن سان ملاقاتون مختلف هندن تي عذر خواهيون

ٺڪراٺي : ۾ آل سنڌ منگي اتحاد جي سرپرست روشن علي منگي جو دورو منگي برادري جي ماڻھن سان ملاقاتون مختلف هندن تي عذر خواهيون اسان پوري سنڌ جي منگي برادري جي ماڻھن جي مسئلن لاء ڏينهن رات جاکوڙ ڪري رهيا آھيون مظلوم ماڻھن جي مدد ڪرڻ سان دلي سڪون ملي ٿو جتي منگي برادري جو پگهر وهندو اتي اسان پنهنجو رت ڏينداسين برادري جي نوجوانن کي گهرجي ته تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي ذات توڙي قوم جو نالو روشن ڪن منگي برادي جي غريب نياڻين کي ڏاج فراهم ڪنداسين صحافين سان ڳالهيون رپورٽ موجب آل سنڌ منگي اتحاد جي سرپرست ۽ باني روشن علي منگي جو ٺڪراٺي ۾ منگي برادي جي ماڻھن حاجي الطاف حسين منگي حاجي غوث بخش منگي محمد حسن منگي سميت مبارڪپور ٿاڻي جي وڏي منشي غلام سرو منگي سان ملاقات ڪري سندس بازياب ٿيل پٽ جون مبارڪون ڏنيون ٺڪراٺي ۾ رياض حسين منگي جي گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي هن پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منگي برادري جي حقن لاء ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آھيون جتي منگي برادري جو پگهر وهندو اتي اسان جو رت وهندو هن چيو ته نوجوانن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪن جئين قوم ۽ ذات جو نالو روشن ٿي سگهي ان سان گڏ استاد محمد حسن منگي منظور احمد منگي محمد مٺل منگي عرفان منگي ۽ منگي اتحاد پني عاقل جو صدر لالا شفقت حسين منگي ۽ ٻيا هئا