ڪنڌڪوٽ : لڳ موٽرسائيڪل شورم ء قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کان موٽرسائيڪل ڦر قومي عوامي تحريڪ

تفصيل موجب ڪنڌ ڪوٽ شوروم مالڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن الطاف شيخ کان موٽر سائيڪل ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف متاثر سان قومي عوامي تحريڪ ۽ شوروم مالڪن گڏجي ڪري سجاد بروھي ـ الطاف شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاء ملير اسٽاپ وٽ بند ڪري ڇڏيو ڌرڻو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون ان موقعي تي اڳواڻن سجاد بروھي فدا حسين محمداڻي الطاف شيخ ء ٻين چيو ڪشمور ضلعي م بدامني جي باھ ٻري پئي آهي ھر روز موٽرسائيڪل ڦر ء چوريون روز جو معمول بڻيل آهي پر ڪشمور پوليس خاموش بڻيل آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ڪشمور روحيل احمد کوسو واقعي جو نوٽس وٺي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ھوڏانھن پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينهن ۾ ڦر واپس ڪرائڻ جي يقين ڏياري احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو