ميرپورخاص پڙھيل لکيل آھيان، نوڪري ڪرڻ جو چوڻ تي مڙس ۽ ڏيرن مڇرجي تشدد جو نشانو بڻائي پيٽرول ھاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي اھڙو اظھار کپرو جي واسڻ 4 مھينن جي حاملا عورت نيلم مسيح معصوم پٽ ۽ والدين سان گڏ ميرپورخاص پھچي مڙس ۽ ساھرن جي مبينا زيادتين خلاف صحافين اڳيان دانهيندي ڪيو نيلم مسيح وڌيڪ چيو ته مائٽن اسٽيفن مسيح سان شادي ڪرائي جنھن مان ھڪ پٽ جو اولاد آهي ۽ آئون چار مھينن جي حاملا آھيان، مڙس ڪم ڪار نٿو ڪري جنھن ڪري خانگي اسڪول ۾ پڙھائي گھر جو خرچ ھلائيندي ھيس. جنھن تي مڙس اھا نوڪري ڇڏرائي ڇڏي، جنھن ڪري سخت مالي بحران ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ٻيھر نوڪري ڪرڻ لاءِ مڙس کي چيو ته مڙس اسٽيفن، ڏير ولسن، ڪرمشي پاران سخت تشدد جو نشانو بڻائي مون مٿان پيٽرول هاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي پاڙي وارن پھچي جان بچائي، جنھن بعد مڙس، ساھرن، مائٽن پاران ڏاج ۾ مليل چوپايو مال، چاندي ۽ سوني جا پاتل زيور ڦري گھران بي دخل ڪري ڇڏيو آھي اھڙي شڪايت حد جي پوليس کي ڏيڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿيو ڪٿي شڪايت جي صورت ۾ مڙس ۽ ساھرن پاران تيزاب ھاري ساڙڻ مائٽن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، خوف سبب مجبور ٿي ھتي پھتا آھيون، متاثر عورت ۽ سندس والدين آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي سانگھڙ سميت وسوارن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مڙس ۽ ساھرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.