اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي نيب پراسيڪيوٽر چيو آهي ته اسحاق ڊار خلاف ڪرپشن جا ثبوت نه آهن ان ڪري ڪيس وڌيڪ نٿو هلائي سگهجي ٻڌڻي دوران جج محمد بشير ريمارڪس ڏنا ته نيب پراسيڪيوٽر جنرل انهي نڪتي تي لکت ۾ فوري طور تي وضاحت ڏئي. اسحاق ڊار سميت ٻين جوابدارن جي بريت تي اعتراض نه آهي ته لکت ۾ ڏيو، سڀاڻي نيب ائين نه چئي ته اهڙو ڪجهه نه چيو هو نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشي چيو ته اسان ميرٽ تي دليل ڏنا آهن عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏي. عدالت چيو ته اوهان لکي ڏيو اسان فيصلو ٻڌائينداسين. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.