فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائيل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي شروع

فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائيل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ شروع ٿي وئي آهي جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ بينچ ۾ شامل آهن. ٻڌڻي جي شروعات تي جواد ايس خواجه جو وڪيل احمد حسين پيش ٿيو هن چيو ته مان گذريل ٻڌڻي جو حڪمنامو پڙهڻ چاهيان ٿو بينچ جي سربراهه جسٽس اعجازالاحسن چيو ته آخري ٻڌڻي ۾ اٽارني جنرل روسٽرم تي هو ان لاءِ پهريان اٽارني جنرل کي دليل مڪمل ڪرڻ ڏيو. اڳوڻي چيف جسٽس جواد خواجه چيو ته مان 3 آگسٽ جو حڪمنامو عدالت جي سامهون پڙهڻ چاهيان ٿو جنهن تي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اسان اهو آرڊر پڙهيو آهي جسٽس اعجازالاحسن اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اٽارني جنرل صاحب اوهان حتمي دليل ڏيو پوءِ ڏسون ٿا ته عدالتي ڪارروائي کي اڳيان ڪيئن هلائڻو آهي وڪيل سلمان اڪرم راجه چيو ته عدالت ۾ يقين ڏيارڻ جي باوجود فوجي عدالتن سويلن جو ٽرائيل شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اسان کي ان جي باري ۾ خبر آهي. اسان پهريان اٽارني جنرل کي ٻڌي ٿا وٺون اٽارني جنرل چيو ته گذريل ٻڌڻي جو خلاصو ڏيندس ۽ مان ٻڌائيندس ته موجوده ٽرائيل جي لاءِ ڇو آئيني ترميم ضروري نه هئي مان آرٽيڪل 175 تي به ڳالهائيندس. لياقت حسين ڪيس جو پيراگراف به پڙهندس. 21هين آئيني ترميم جي فيصلي جي روشني ۾ به دليل ڏيندس ۽ ان سوال جو جواب به ڏيندس ته جوابدار جو اسٽيٽس فرد جرم کان پوءِ ملي ٿو اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته 9 مئي جي جوابدارن جو ملٽري عدالتن ۾ ٽرائيل سول عدالتن جيان ئي ڪيو ويندو. شهادتون رڪارڊ ڪيون وينديون ۽ فيصلي ۾ تفصيلي سبب به لکيا ويندا.