نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ اپيلون بحال ڪرڻ جون درخواستون داخل ڪري ڇڏيون

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف طرفان ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ اپيلون بحال ڪرڻ جي لاءِ درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون آهن ايڊووڪيٽ امجد پرويز جي ايسوسي ايٽ گلزار احمد ۽ ظهور احمد درخواستون داخل ڪيون جنهن ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جون اپيلون بحال ڪيون وڃن. درخواستن کي ميرٽ تي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اسلام آباد ايئرپورٽ تي اپيلن جي بحالي جي درخواستن تي صحيحون ڪيون هيون. نوازشريف جي بائيو ميٽرڪ تصديق لاءِ به وڪيلن طرفان ايئرپورٽ تي انتظام ڪيو ويو هو اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا يافته آهي. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي 10 سال قيد ۽ 80 لک پائونڊ جي سزا ٻڌائي هئي. العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت نوازشريف کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم کي 10 سالن لاءِ عوامي عهدي لاءِ به نااهل قرار ڏنو ويو هو.

پنھنجي راءِ لکو