نوازشريف سڀني سان ملي ڪم ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان ۾ پي ٽي آءِ به شامل آهي: راڻا ثناءَالله

ن ليگ جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سڀني سان ملي ڪم ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان ۾ پي ٽي آءِ به شامل آهي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته نوازشريف جي ڪيل ڳالهه ۾ پي ٽي آءِ شامل آهي پر 9 مئي جو ڏوهاري ٽولو ان ۾ شامل نه آهي. هن ڳالهين دوران چيو ته ڇا 9 مئي جي جوابدارن کان علاوه پي ٽي آءِ جو ڪوبه وجود نه آهي ياد رهي ته نوازشريف چئن سالن کان پوءِ ڇنڇر تي پاڪستان واپس پهتو آهي ملڪ واپسي تي(ن) ليگ طرفان لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي کي خطاب ۾ نوازشريف چيو هو ته منهنجي دل ۾ انتقام جي ڪابه تمنا نه آهي. قوم جي خدمت لاءِ واپس آيو آهيان.