ڪنڌڪوٽ :غوثپور جي مسجد محلي جي رھواسين جو گھر جي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ خلاف عبدالستارچنا، محمدعلي چنا ،عبدالله چنا ۽ ننڍن ٻارن سان گڏ قرآن پاڪ کڻي ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو

ڪنڌڪوٽ :غوثپور جي مسجد محلي جي رھواسين جو گھر جي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ خلاف عبدالستارچنا، محمدعلي چنا ،عبدالله چنا ۽ ننڍن ٻارن سان گڏ قرآن پاڪ کڻي ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي مخالفن عبدالطيف چڻو ۽ ٻن اسان جي پلاٽ بلاجواز قضبو ڪري چڏيو آهي، ھنن چيو آهي ته ھو جي يو آء جو ڪارڪنن آھي ۽ ڪيترائي دفعه جي يو آء جي علي قيادت ڏانهن ويو آهيان پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي، ھنن چيو ته فيصلي لاءِ اسان راضي آهيون پر ھو فيصلو ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي، اسان احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آهيون ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، ھنن چيو اسان سان انصاف ڪري قبضو ڪيل پلاٽ واپس ڪرايو وڃي نه ته آء پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي چڏيندس، ھنن چيو ته انصاف نه مليو ته ڪورٽ سڳوري جو ڌر کڙڪائيندس، ھنن ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته قبضو ڪيل پلاٽ جو نوٽيس وٺي قبضو چڏائي ڏنو وڃي