پنجاب حڪومت العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي

نگران پنجاب حڪومت العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پنجاب حڪومت کي سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي اڳوڻي وزيراعظم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي. جنهن کان پوءِ نگران پنجاب ڪابينه نوازشريف جي سزا معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني نگران پنجاب ڪابينه نوازشريف جي درخواست تي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ڪئي، وڊيو لنڪ تي نوازشريف جو وڪيل اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز دليل ڏنا، نگران پنجاب ڪابينه سان گڏ پنجاب جو سيڪريٽري به موجود هو پنجاب ڪابينه نوازشريف جي وڪيلن جي درخواست گڏيل طور تي منظور ڪندي سندس سزا معطل ڪري ڇڏي ان حوالي سان اڳوڻي اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو آهي ته هن معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رابطو ڪيو هو. اڳوڻي چيف جسٽس اطهر من الله اهڙي فيصلي جي آڇ ڪئي هئي. اهو فيصلو ڪابينه سوچي سمجهي ليگل ايڊوائس جي تحت ڪيو. ان فيصلي تي ڪوبه اعتراض ڪيئن ٿي سگهي ٿو اشتر اوصاف چيو ته نوازشريف جي خلاف ڪيسز اجايا ٺاهيا ويا، قانوني رنڊڪون هونديون نه آهن پر ٺاهيون وينديون آهن. گذريل دور ۾ شهباز شريف حمزه شهباز ۽ سعد رفيق جا معاملا هئا، گذريل دور جي ڪيسز جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي رنڊڪون قانون ۾ نه پر پروسيجر ۾ هيون هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ڪيسز ۾ تاريخون نه لڳنديون هيون. جيڪڏهن لڳنديون هيون ته ججز موڪل تي هليا ويندا هئا ياد رهي ته نوازشريف کي 6 جولاءِ 2018 تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. 19 سيپٽمبر 2018 تي ميرٽ تي سزائون معطل ڪري سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو هو. 24 ڊسمبر 2018 تي العزيزه ريفرنس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. 31 آڪٽوبر 2019 تي ميڊيڪل گرائونڊ تي نواز شريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي هئي.