ٺڪراٺو واسي نوجوان جو سندن ئي برادري جي بااثر پاران زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف پيرسن امڙ ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو اسين مسڪين آهيون روڪ پندرهن هزار ورتا هئا سي جيڪي پڻ واپس ڪيا آهن بااثر اسٽامپ پيپر تي ڪوڙي لکت ذريعي اسانجي سوا ٻھ ايڪڙ ذاتي زرعي زميني تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي ۽ اسانکي ڏوهاري قسم جي ماڻھن کان موتمار ڌمڪيون ڏياري پيو پوليس جي اعلا آفيسرن کي اپيل ٿى ڪجي ته فوري طور نوٽيس ورتو وڃي
ٺڪراٺو جي مهتم برادري جي نوجوان سندس ئي برادري جي بااثر پاران زرعي زمين تي قبضي ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين امام ڏنو مھتم ، تاج محمد سجاد علي۽ مائي مرادان ٻين زرعي زمين تي قبضي ڪرائڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو هنن الزام هڻندي چيو ته سندن ئي برادري جو عاشق حسين مهتم جنهن کان پندرهن هزار روپيه ورتا هئا سين جيڪي واپس به ڪيا سين پر هاڻ ان لکت کي هو ڪوڙي اسٽامپ پيپر تي اسانجي سوا ٻھ ايڪڙ زرعي زمين جي وڪرو ڪرڻ جي ڪوڙي لکت کنيون ٿو وتي جنهن ذريعي اسان جي سوا ٻھ ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي ۽ اسان پنهنجي زمين تي فصل ڪرڻ خاطر هر هلايو آهي ته هو ڪاوڙجي پيو آهي ۽ اسانتي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ جون ۽ ڏوهاري قسم جي ماڻهن کان اسان کي موتمار ڌمڪيون پيو ڏياري اسانکي جيڪڏهن ڪجھ به ٿيو ته انجو ذميوار عاشق حسين مهتم رهندو هي اسانجو بيان رڪارڊ تي رکيو وڃي هوڏانهن الزام هيٺ آيل عاشق حسين مهتم سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته مون مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ مونکي اها زرعي زمين انهنجي وڏن قطعي طور ڪري ڏني هئي جنهنجون لکتون پڻ موجود آهن گذريل 25 سالن کان مين جو قبضو مون وٽ آهي مڪمل رقم ادا ٿيل آهي هاڻ جڏهن کاتو گهران ٿو ته هي شرپسند ماڻهن جي چرچ تي مون مٿان الزام لڳائي رهيا آهن مظاهرين آء جي سنڌ ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي ڪري بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي