ڪراچي جو پارڪ ڪروڙين روپيه ماليت جي سرڪاري گاڏين جو قبرستان بڻجي ويو

ڪراچي جو پارڪ ڪروڙين روپين جي ماليت جي سرڪاري گاڏين جو قبرستان بڻجي ويو آهي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي استعمال ۾ رهندڙ گاڏيون زبون حال اُس ۾ سڙي رهيون آهن. سون جي انگ ۾ نيون ۽ قيمتي گاڏيون سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جون آهن جيڪي ڪي اي ڊي پارڪ ڪلفٽن ۾ موجود آهن ڪروڙين روپين جي ماليت جي انهن گاڏين تي سنڌ حڪومت جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي ڪي ڊي اي پارڪ ڪلفٽن ۾ پيل ڪروڙين روپين جي ماليت جون تقريبن 250 گاڏيون مٽيءَ سان ڀريون پيون آهن جن ۾ بي ايم ڊبليو، لينڊ ڪروزر، پراڊو جهڙيون مهانگيون گاڏيون به شامل آهن جيڪي کليل آسمان هيٺ سڙي رهيون آهن.75 سيڪڙو گاڏيون ايس جي اي اينڊ سي ڊي اي جون آهن سرڪاري گاڏين جي قبرستان ۾ موجود 25 سيڪڙو گاڏيون تعليم کاتي، صحت، بلديات کاتي ۽ ورڪس اينڊ سروسز جون آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي قيمتي سرڪاري گاڏين جو رڪارڊ به نه جوڙيو ويو آهي.