لاهور، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022 جو ٻيون سيمي فائنل اڄ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو ايڊليڊ ۾ پاڪستاني وقت موجب هڪ وڳي ٻئي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ انگلينڊ جي ٽيم گروپ ون ۾ پهرين نمبر تي رهي هئي جنهن پنج ميچن مان 3 ميچن ۾ فتح حاصل ڪئي، هڪ ميچ ۾ شڪست ملي جڏهن ته هڪ ميچ جو فيصلو نه ٿي سگهيو انگلينڊ آسٽريليا کان بهترين رن ريٽ جي بنياد تي آخري چئن ٽيمن ۾ جڳهه ٺاهي ٻئي طرف ڀارتي ٽيم گروپ 2 ۾ 8 پوائنٽن سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. اڄوڪي ميچ جي فاتح ٽيم آچر 13 نومبر تي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2022 جي فائنل ۾ پاڪستان سان مقابلو ڪندي
